بيان ڪهڙو عيان ڪريان، عجب اسرار هالا ۾
ڏسڻ سان جو رکي تعلق، اهو ديدار هالا ۾
هتي ‘‘مخدوم نوح سرور’’ جو روضو مبارڪ آ
سري ٿو فيض روحاني، سراسر يار هالا ۾
انهيءَ بزرگ ڀلاري جو، اڃا اولاد هت آهي
رهي ٿـــو ‘‘طالـب المــولا’’ سندس پڳـــدار هــالا ۾
عطا شل جاءِ جنت ۾ ٿئي ‘‘مخدوم حيدر’’ کي!
بنايو علم جو جنهن گلشن و گلزار هالا ۾
ڪڍي هن دشتِ ويران مان، خس و خاڪ جنهن ڇڏيا
اهو مردِ مجاهد هو، مٺو منٺار هالا ۾
سندس ايثار عظمت جي، گواهي ٿا ڏين گڏجي
سدا ڪاليج ۽ اسڪول جا مينار هالا ۾
ادب ۽ علم جو صاحب، تدبر حلم جو مالڪ
هجي ها هوند سو زندهه، اڃان دلدار هالا ۾
اچو هاڻ گھمايان مان اوهان کي شهر هالا جو
ڏسڻ جھڙي اٿوَ سچ پچ ادا بازار هالا ۾
ڏئي ور ور ڀڳو بيٺو، هجين تون يار هالن ۾
اچي هيڪر گھمي جيڪر ڏسين سومار هالا ۾
اچن ٿا قرب مان ڪاهيو، ڍڳا ۽ ڍور ڳوٺاڻا
هلي هر پهرين سومر تي اهو واپار هالا ۾
جنڊي ڪاشي اسان جي شهر جي سوسيون سدا سهڻيون
انهيءَ صنعت سندو صالع، ٿيو زردار هالا ۾
ڪشادي روزگاري ٿي، هتي هر ڪنهن کي ٿئي حاصل
نه ڏسندين ڪوبه ڪو ڪڏهن، ائين بيڪار هالا ۾
هوا پاڻي هتي جو آھ وڌ ‘‘ڪشمير ڪوئٽيه’’ کان
ڪيا سچ قرب ڪئين آهن اپائڻهار هالا ۾
رهي ٿو موج سان آزاد هت هرڪو وطن وارو
خدا جي فضل سان ڪانهي غريبا مار هالا ۾
سٻاجھا ۽ سياڻا نيڪ ماڻهو شهر هالن جا
ڪچهري قرب واري ۽ مٺي گفتار هالا ۾
سياهي ٿي رهي ساڳي، سدا سرمي اندر قائم
مگر هرڪا رکي اک ٿي جدا جنسار هالا ۾
مجاهد ملڪ ملت جا وڏا عالم سخي بزرگ
ويــــا وارو وڄـــــائي مـــــرد مڻيـــادار هــالا ۾
ڪئين شب خيز ۽ زاهد، اڃا موجود هتِ آهن
اچي ‘‘هُو هُو’’ سندي سهڻي سدا هونگار هالا ۾
ادب ۽ علم جا شيدا، ڪئين عالي سخن شاعر
رهن ٿــــا هر نموني جـــا وڏا فنڪــار هالا ۾
کپي سا عين واري اک، جا پرکي پار پرينِ جو
لڪل آهن للهنگ ڪيئي، وڏا وينجھار هالا ۾
مڙئي آهي مٺائي جا، پرينءَ جي پار کان آئي
ڀٽائي گھوٽ جي بيتن سندي جھونگار هالا ۾
شهادت ٿي ملي تاريخ مان هالا جي عظمت جي
هلي خود ‘‘پاڪ’’ جا آيا، ڪئين سردار هالا ۾
ٻڌي همت سندو سندرو، ڪيم منٿ قلم کي پر
بيان مونکان نٿي سگهيو، وڏو وستار هالا ۾
محابي ‘‘مير مرسلصه’’ ۽ سڳوري ‘‘نوح سرور’’ جي
الاهي! ڪين ڪو ڪڏهين، اچي آزار هالا ۾
ٿئي شل عاقبت محمود، دنيا مان خدا وندا!
رهي ٿو تنهنجي در ‘‘ارشد’’ سدا پينار هالا ۾