مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح سرور
(1506-1590)

غوث الحق، صاحب الفيض و الفتوى ، مجدد الدين مخدوم لطف الله عرف مخدوم سرور نوح جن جا وڏا محمد بن قاسم سان گڏ عربستان مان هت پهتا. هي بزرگ پهرين پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ڪوٽ ڪروڙ (ضلعي ديري غازي خان) ۾ آيا، جتان پوءِ سنڌ جي شهر بوبڪ (ضلعي دادو) ۾ اچي رهيا ۽ اتان وري هالا ۾ اچي مستقل طور آباد ٿيا.

                مخدوم نوح جي والد جو نالو نعمت الله هو. سندس والده ماجده لاکا قوم مان هئي ۽ سندس ناني سڳوري سومرا قوم مان هئي.

مخدوم نوح جي ولادت:

                مخدوم نوح جي ولادت بابت ڪيترن بزرگن ۽ الله وارن پيشنگويون ڪيون، عارف ڀرڪئي، ڪاتيار پنهنجي همصحبتن وٽ هڪ ڀيري ظاهر ڪيو ته ، مخدوم نعمت الله جي پٺ مان هڪ اهڙو شخص جلد پيدا ٿيندو. جنهن کي حق تعالى جو دائمي ديدار ميسر هوندو.

                اهي پيشنگويون صحيح ثابت ٿيون ۽ 27 رمضان مبارڪ سنه 911ھ مطابق 1506ع آخر پوئين جمعي جي ڀلاري رات جو مخدوم نعمت الله صديقي قريشي جي حرمخاني تي مخدوم نوح رح جي ولادت ٿي. والدين انهيءَ مولود مسعود کي الله تعالى جو خاص لطف سمجهي سندس نالو لطف الله رکيو جو اڳتي هلي نوح جي نالي سان مشهور ٿيو.

               ”سفينه النوح“ ۾ آيل آهي تن مخدوم صاحب جو نالو والدين لطف الله رکيو هو، مگر مشيت ايزدي اها هئي ته هن ڏهي صديءَ جي  آفتاب عالمتاب ۽ مجدد دين کي نوح ڪري ڪوٺيو وڃي ، تنهن ڪري قدرتي طور تي نوح نالو مشهور ٿي ويو.سروري درگاھ جي متولي ۽ مجاور آخوند  محمد قاسم کان روايت آهي ته مخدوم نعمت الله کي نوح هوتزاڻيءَ نالي هڪ بزرگ عرض ڪيو هو ته منهنجي وفات بعد پنهنجي هن فرزند لطف الله جو نالو نوح رکجو. مخدوم نعمت الله رح هن اهل بزرگ جي خواهش جو احترام ڪندي سندس وفات بعد پنهنجي فرزند جو نالو مٽائي  نوح رکيو.

وفات:

               مخدوم نوح جن جي عمر 84 سال هئي. پر هن پيرسنيءَ جي باوجود پاڻ بلڪل صحتمند توانا ۽ چست هئا ۽ پنجئي وقت نماز مسجد شريف ۾ باجماعت ادا ڪندا هئا.

               27 ذوالقعد سنه 998ھ  1590ع جمعي جي رات سومهڻي نماز باجناعت ادا ڪري دستور موجب جيئن حويليءَ ڏانهن اسهيا ته مسجد شريف جي دروازي جو ڪڙو جهلي هي بيت چيائون.

 نــه ســي جـوڳــي جـــوءِ ۾، نـــه ســـا سـکـــي چـاٽ
ڪــا پــڙيــن ڪــنـواٽ، وڏيءَ ويــل پــلاڻـيــا
وري جڏهن حويليءَ جي دروازي وٽ پهتا ته هي بيت چيائون.
ابــوبــڪــر آءَ ســامـيــن سفـر سـنـبـاهـيـو
مـتـان ٿـــي پـئــان، سـڪـيــن سـنـيــاسـن کــي.

انهيءَ ئي رات حويليءَ تي گھر جي ڀاتين کي صبر جي هدايت ڪري پنهنجي غسل جنازي نماز تدفين وغيره بابت ضروري سمجهاڻيون ڏئي وڃي آرامي ٿيا ۽ رات جي پوئين پهر ۾ وفات ڪيائون. فجر نماز تي سندن غير موجودگيءَ تي پڇا ڳاڇا تي سندن وصال جي خبر پئي.

سرور نوح جو ميلو:

                      هالا ۾ گذريل ساڍن ٽن سؤ سالن کان وٺي حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاھ تي هر مهيني جي پهرئين سومار (سهائو سومار) تي ٿيندو آهي.جنهن ۾ معتقدن ۽ مريدن جو وڏو اجتماع ٿيندو رهي ٿو ۽ هر سال ماه ذوالحج جي پهرئين سومار تي عرس جي محفل ۾ ذڪر اذڪار ۽ سماع ٿيندي آهي. جنهن ۾ گادي نشين پير صاحب پنهنجي مريدن کي مخصوص انداز ۾ دعائون ڏيندو آهي. 


 مصنف: