هالا جا شاعر ۽ انهن جون تصنيفون
ڪتاب جو نالو |
شاعر جو تخلص |
شاعر جو اصل نالو |
وطن جي راھ ۾، شام و سحر، سوري جنين سيج، صداءِ وطن، رت جا ڳوڙها، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، اندر جا آلاپ، هن پار، مزدور جو لاش، غيرت، جيون ساٿي، سڄڻ سفر هليا، عاشق عزازيل، زندگي هڪ خواب، سانگي ۽ سور، هيرا جواهر، ڪنول جي ڪهاڻي، وڳر ڪيو وتن، عوام جي دولت، دو آنسو (اردو) |
منصور ويراڳي |
(عبدالرؤف ابڙو) |
مصريءَ جون تڙون، سدا وسين سنڌڙي، چهنڊڙيون، رباعيات طالب، آبِ حيات، مضامين طالب المولى، بهارستان، ڪافي، بي پِير اکيون، ڇپر ۾ ڇڙيون، ديوانِ طالب المولى،مثنوي عقل و عشق، بهارِ طالب خود شناسي، شيطان(ترجمو)، اسلامي تصوف (ترجمو) منتخب امام غزالي جا خط (ترجمو)، يادرفتگان، ڪـچـڪول، لغـات سـنڌي مخـففـات، شانِ سروري، سنڌ جو سانوڻ، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (مثنوي)، شام ۽ صبح، شانِ حسين |
طالب المولى |
مخدوم محمد الزمان طالب المولى |
پيغام |
مخدوم امين فهيم |
مخدوم امين فهيم |
اتر لڳا آءُ پرين، دلربا دلربا، سنڌ جي واقعاتي تاريخ تذڪره مخدومانِ هالا، خيري شيرازي (لغت)، ملاقات، محبت پـائي مـن ۾انت محبوبي(مرتب)، سيد فتح محمد شاھ اجناڻي (سوانح ۽ ڪلام - مرتب) انهـن سندي ڳالهڙي (مرتب)، منهنجو ننڍپڻ (واڌار ۽ اضافا)، صبوحي (مرتب)، سج وڙاء (مرتب) روح رچنديون، قافيا ڪوش، ڊيز اينڊ ڊيٽز(انگريزي) |
جميل |
مخدوم جميل الزمان |
دل اندر ديرا، گفتا ۽ گفتار، وري ياد آئي، سنڌي گرامر، رياضي، علمِ عروض جا اصول،قرب ڪلام، اچته پرچون پاڻ۾. اسـٽيج ڊرامه:انصـافِ جهانگيري، سخي حاتم، زينت، موهني، علم سکو، سنڌ جي سرزمين،ٽيبلو: ٽوپي ۽ پڳ، جواني ۽ پيري،هوائي جهاز ۽ موٽر ڪار، ٻيڙي ۽ چانهه. |
غلام هالائي |
غلام رسول ابڙو |
پيار جا پوپٽ ۽ چاهت جا گلاب، هيڪلايون نويڪلايون، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ان پاڪستان(انگريزي) |
شهيد |
عبدالحميد ميمڻ |
ديوان انجم، ڪاروان زندگي(ناول) علم اخلاق، شمع اسلام، حقيقت زندگي، پياري نازنين (ناول) |
انجم هالائي |
آخوند عبدالرحمان |
ٽيھ اکريون |
ميون عيسى |
مخدوم ميون محمد عيسى ابڙو هالائي |
نينهن نشا، سرڪي، سپت ڀريا سپرين (ناول) |
ساقي هالائي |
عبدالطيف ابڙو |
سُر سارنگ جي تشريح، برساتي بوندون، رفيق گرامر، انگلش ٽرانسليشنس، بانو |
ارشد هالائي |
عبدالرحيم ابڙو |
گلابي مکڙيون، رنگين گل، مٺڙيون راتيون، آئي مند ملهار |
بيوس |
عبدالله ابڙو |
مست قلندر، سلڪِ لطيف عرف موهن مالها، پرچن شال پنهوار |
منور هالائي |
عبدالقادر ابڙو |
اجرِ رسالتصه، مقامِ علـي، شانِ حسيـن (ترتيب)، پرواز درحقيقيت |
جليس |
رجب علي جعفري |
هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو ، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر |
مخمور بخاري |
سيد رشد الله شاھ |