حبيبِ خدا آ امامِ نبوت،
رسولن جو سردار امت لاءِ رحمت.
اطاعت سندس آ اطاعت خدا جي،
اهو آ حقيقت ۾ روح عبادت.
محمد جو نالو پيارو پيارو
رسي روح کي جنهن سان راحت ٿي راحت.
هدايت جا تاراسمورا پيغمبر،
مٺو مير مرسل آ شمس هدايت.
وڏا ڪوٽ قيصر ۽ ڪسرى
محمدصه جي تعريف ’’اضعف‘‘ ڪندين جا،
خدا خود ڪئي آ وصفِ رسالت.