محبت جو مٺل آهيان مستان سڄڻ تنهنجو
تون مون لئه شمع مان ڀي پروان سڄڻ تنهنجو
اسلام جي نالي سان باطل کي مٽايو تو
هر دل ۾ آ وحدت جو هيءُ جوش جاڳايو تو
دنيا جي مٿان آهي، احسان سڄڻ تنهنجو
سردار دو عالم جو سرڪار عجب تنهنجي
مشهور آ دنيا ۾ درٻار عجب تنهنجي
هر شاهه گدا آهي دربان سڄڻ تنهنجو
‘‘غلام’’ سندم نالو هالا آ وطن منهنجو
قدمن ۾ اوهان جي ٿئي شل لاش دفن منهنجو
هڪ ڏينهن ٿيان مَنَ مان، مهمان سڄڻ تنهنج