منور هالائي

اي مڪينِ نوح سرور تو تان منهنجي جان نثار،
تنهنجي قدمن تي ٿو گھوريان زندگيءَ جي هر بهار.

تنهنجي گھواره ۾ آه مدفون سا هستي عظيم،
’’نوح‘‘ جي نالي سان درگاھ آھ جنهن جي يادگار.

آ هدايت استقامت ۽ لطافت اشتياق،
شهر ’هالا‘ جي صفات منحلي جو اختصار.

خاڪ تنهنجي سان ’’منور‘‘ هن طرح ڪيو آ نباھ،
گود تنهنجيءَ ۾ بنائي آته مون پنهنجي مزار.