اختر هالائي

عزيزو رات ميخاني جي مهمانن سان ڏاڍي ٿي
صنم خنجر ڪڍي بيٺو ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي

هو سهڻو بزم شعرا ۾ سراپا شعر ٿي آيو
خاموشي ڇانئجي ويئي سخندانن سان ڏاڍي ٿي

قدوقامت ۾ محبوبه ۽ خال و خط ۾ شهزادو
حسين حورن سان ڏاڍي ٿي يا غلمانن سان ڏاڍي ٿي

حسينانِ جهان سڀ سرنگون ٿيا حسنِ جانان وٽ
پرستان سان ڏاڍي ٿي صنم خانن سان ڏاڍي ٿي

سنڀالي پير رک ’اختر‘ گلستان جي احاطي ۾
گلن جي آرزو ۾ اڄ گريبانن سان ڏاڍي ٿي