ان بت خاموشي کي پوڄيندي انسان ڪيترو،
حسن ظاهر تي اڃان تون هوندي حيران ڪيترو.
وٺ سنڀالي اقتضائي نفس نادان جو لغام،
آخرين اسپِ هوس کي ڏيندين ميدان ڪيترو.
دل هڪڙي ننڍڙي ڪشتي، موجز ن درياءِ عشق،
اف! رقابت جو اتي روڪيندين طوفان ڪيترو.
نيٺ رسوائي ڪندو هيءُ عشق جانان عام ۾،
آه ! سانڍيندين سڄڻ جو سوز پنهان ڪيترو.
دشت غفلت ۾ وڃائي واٽ ويٺين راهرو!
پنهنجي منزل جو پڇائيندين تون نيشان ڪيترو.
دور آ مقصد جي منزل جنهنجي نامعلوم راه،
بي سمر بنده لتاڙيندين بيابان ڪيترو.
دل ڏني آهي ته اميد وفاتي الغياث،
دل ڏئي بي درد کي آهين پريشان ڪيترو.