زماني ۾ ماڻهو محبت رکن ٿا
مگر ڪوڙ جي خوب عادت رکن ٿا
مان حيران آهيان مان حيران آهيان
ريا ڪاري واري عبادت رکن ٿا
***
افسوس جو ماڻهو جي مهانگائي آھ
ڪنهن ۾ نه محبت جي توانائي آھ
همدرد ڪنهين جو نه ڪنهين کي ٿا ڏسون
هن دور جو هر شخص تماشائي آھ.
***
عزت جو وڃائي سو غضب ٿيندو آھ
تعريف جي لاءِ، نام و نسب ٿيندو آھ
وڏ ماڻهپي دولت ۽ امارت ناهي
اخلاق وڏائي جو سبب ٿيندو آھ.
***
اسان جو شوق ۽ شهرت شبيري
صفت هر حال ۾ آ بينظيري
اميري ۾ ڪرئون ويٺا فقيري
فقيري ۾ ڪرئون ويٺا اميري.