ابڙو نور محمد “نور هالائي”
ٻڌائڻ ٿو گھران جي مان پراڻو داستان ڪڏهين،
ته ڪن ٿا نڪته چيني سڀ هتان ڪڏهين هتان ڪڏهين.
ڏس تقدير! جو حاڪم ٿئي ٿو خود گدا ڪڏهين،
گداگر ٿي پون ٿا هن جهان جا حڪمران ڪڏهين.
سنڀالي هل جهان ۾ ڪر نه ڪنهن سان راز ڪڏهين،
مثل شيطان جي انسان ڪو نه ٿيندو رازدان ڪڏهين.
مڃيندو منهنجي رستي کي سو رهزن رهنما ڪڏهين،
جڏهن نامهربان ڪوئي ته ٿيندو مهربان ڪڏهين.
نظر لطف و ڪرم جي ڪر غلامن تي خدا ڪڏهين،
نه ويندي ’’نور‘‘ جي تو وٽ دعا ڪا رائگان ڪڏهين