12
آغا مشتاق

تنهنجون اکيون
ڪجل ڀريون
ڪٽوريون
ڪينجهر تي ٽڙيل
ڪنول جيان
اداس سنڌو درياء
جهڙيون تنهنجون اکيون
ڇا……؟
آئون تنهنجي نيري گهري
ساگر جهڙين
وشال نيڻن ۾
خودڪشي ڪريان…… !
*****