اهو منهنجو عقيدو ۽ اهو ايمان آ ساقي
ته مئه عرفان جو جامِ حسين قرآن آ ساقي
ڪلام پاڪ جي تفسير جو هر لفظ نوراني
چراغِ نور پاشِ محفلِ عرفان آ ساقي
ڪتاب الله جي تعليم اعجازِ سراپا آ
نهان ان ۾ مسلمان جو حقيقي شان آ ساقي
بحمدالله ٿيو روشن زماني جو آهر گوشو
صداقت جي مڪمل روشني قرآن جي تلاوت ۾
’’جليسا‘‘ زندگي ڪر وقف قرآن جي تلاوت ۾
جو آ تسڪينِ جان ۽ درد جو ارمان آ ساقي