سنڌي | سنڌي | |
موت | مَوتُ جمع مَوتَ | ذ . (ع). وفات، مرگُ، فوتُ، انتقال، مرتيو، مرڻو، رضا، قضا، رحلت. ڪالُ، اجَلُ، اَزلُ، کُٽي. شامت. مصيبت. فنا. |
موت اچڻ | مُوت اَچَڻُ | وفات ڪرڻ. ڪالُ اچڻ، اَزَلُ اچڻ، قضائي اچڻ. مصيبت اچڻ. |
موت جو گهنڊ گڙڻ | مَوت جو گهنِڊُ گُڙڻُ | موت جو پڙلاءُ ڪتن تي پوڻ. موت اچڻ جا پسڻ پوڻ. |
موت کي سڏ ڪرڻ | موتُ کي سَڏُ ڪرڻُ | کٽيءَ کي سڏڻ. عزرائيل کي سڏڻ. خوفناڪ ڪم ڪرڻ. سِرُ وڃڻ جهڙا ڪم ڪرڻ. |
موتئڙو | موتِئَڙو | ذ . بيماريءَ جو هڪ قسم. ماتا جو هڪ قسم (جنهن ۾ داڻا موتيءَ جي داڻي جيڏا نڪرن). |
|